Web Analytics

See also ebooksgratis.com: no banners, no cookies, totally FREE.

CLASSICISTRANIERI HOME PAGE - YOUTUBE CHANNEL
Privacy Policy Cookie Policy Terms and Conditions
وڪيپيڊيا:حاليھ اضافا - Wikipedia

وڪيپيڊيا:حاليھ اضافا

Wikipedia طرفان


  جتي منهنجا ماروئڙا                       

ٿَرَ جو سفرنامو گل ڪٽوهر

رات جوڏيڍ کن ٿيو هوته اسان ميرپورخاص جي سٽي سينٽر هوٽل ۾ سڄي ڏينهن جي سفر ۾ ٿڪايل جسمن کي راحت ڏيڻ لاء بسترن حوالي ڪيو هيو‘پرمنهجا روم ميٽ مسٽر نذير احمد ڪلهوڙو ۽ مسٽر جبار سولنگي صاحبان هوٽل جي ڪمري ۾ فٽ ٽي وي سيٽ تي هلندڙ انگريزي فلم ۾ڪنهن سيڪسي سين جي آسري تي وڌيڪ جاڳڻ جا جتن ڪري رهيا هيا، مون خبر ناهي ته سندن دعائون اگھاميون يا نه ، ڇو ته‎ ‎ننڊ جي ديوي جلدي مون تي مهربان ٿي چڪي هئي. صبح جو ننڊ مان سويل جاڳ ٿي، اٿڻ سان ئي ڪاڳر قلم سنڀاري گذريل ڏينهن جو احوال قلم بند ڪيم .

 24جولاء 2003 ٽائيم 7وڳا صبح
 
                ـ خبر ناهي اسان واري ڪمري جو نمبر ڇا آهي، ٽن بسترن واري هن ڪمري ۾ مون سان گڏ مسٽر عبدالجبار ء نذير ڪلهوڙو جن گڏ آهن. موسم ڪالهه وانگر اڄ به جهڙالي آهي. ڪالهه پروفيسر نور احمد کهڙي جي جڳهه تان جڏهن هن ٽوئر لاء دوستن سان گڏيو هوم ته انوقت به ڪڪر ڪارونڀار ڪيون بيٺا هئا ۽ مينهن ڪڻيون نئين سفر لاء استقبال ڪري رهيون هيون ۽ انوقت منهنجي ذهن تي گذريل سال جي سفر جا اولڙا ۽ عڪس به نروار ٿيا بيـٺا هئا، ۽ ها اهو ڏينهن به ته مينگهه ملهار وارو ئي هيو. هاڻي نئين سفر لاء تياريون آهن. هن دفعي سونهاري سنڌ جي هڪ پراسرار ٽڪڙي ٿر ڏانهن وڃڻ جا سانڀاها آهن ۽ سچي ٿر ته مون ڪڏهن اکئين ڏٺو ئي ناهي ها البت ڪتابن، ڊرامن ۽ ڊاڪيومينٽريز ۾ ان جون جهلڪيون سو ضرور پسيون اٿم.                                                                                       

ها هيءَ اها ئي سرزمين آهي جنهن ۾ برادري ۽ برابري، اخوت ۽ انساني محبت. غيرت ۽ شجاعت، حب الوطني ۽ مريادا جا جوهر پيدا ٿيا. هي اهائي سرزمين آهي جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تاريخي واقعن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. ڪي صديون اڳ هي زمين جو ٽڪڙو به سبز آباد ۽ شاد هيو، منجهس ڪيئي ڀريل ۽ ڀڪيل شهر هيا، ماڻهون سکيا ۽ ستابا هئا، بندر ۽ بازاريون هيون، وڻج واپار جا مرڪز هيا، زندگي پنهنجي ڀرپورحسن ۽ جمال سان جلواگر هئي، افسوس ته اڄ جو ٿر برسات جو محتاج آهي وُٺو ته ٿر نه ته بر، برسات پئي ته گل گلزاريون نه پئي ته چؤطرف سڃ پئي واڪا ڪندي ۽ ڏڪار جي ڏانئڻ پئي ڦيرا ڏيندي. هن دفعي هت پلر جي خاشي پالوٽ ٿي آهي ۽ برکا رت بهاريون ڪري ڇڏيون آهن درد ونديءَ جو ديس وسي پيو آهي ۽ ائين ٿر پنهنجي جوڀن ڏانهن موٽي آيو آهي، مون دل ۾ دعائون پئي گهريون ته شال سدائين اهي شادمانيون قائم رهن، آمين. هاڻ ٿر ڪيترو من موهڻو آهي اها خبر ته اتي پهچڻ بعد پوندي.

           ڪالهه اسان واري بس سکر کان هلي، خيرپور ۽ آسپاس کان دوستن کي پنهنجي آغوش ۾ وٺندي ننڍي ساهي لاء واٽ تي ڪنهن هوٽل وٽ بيٺي هئي ۽ ها جهڙالي مند ۾ هوٽل جي دالان تي چاء جا چسڪا وٺندي ڀر واري ايرڪنڊيشن ڪوچ ۾ هڪ مسڪرائيندڙ ملوڪ مهانڊي  سان اکيون چار ٿيون هيون ته خبر ناهي مون جهڙي شرميلي ۽ احساس ڪمتري جي ماريل انسان ۾ به اها همٿ پيدا ٿي پئي هئي ته هٿ ۾ جهليل ڪپ مٿي ڪري کيس چانهه جي دعوت ڏني هئم ۽ موٽ ۾ سندس مرڪ جا موتي جهڙوڪر ان جواب سان مليا هئا ته

{Thanks for your invitation, but I am leaving for my own destination} اتان کان هلي اسان سڌو اچي ڄام ڏاتار جي ابدي آرام گاهه تي ساڻس گڏ ٿيا هئاسين جنهن جو اصلي نالو سيد اصغر علي شاهه آهي. ڄام ڏاتار جي درگاهه تي تازو چـڱو خاشوترقياتي ڪم ڪرايل هو، درگاهه جي ڀرسان زائرين ۽ زيارتين جي آرام ۽ رهائش لاءِ چڱيون خاشيون ڪافيون جوڙايل هيون، اتي ئي ڪنهن ٻڌايو هو ته اهو سمورو نيڪيءَ جو ڪم مسٽر آصف علي زرداريءَ جو ڪرايل آهي. هاڻ وري بس هئي، روڊ هئو ۽ ان جي اندر اسان هئاسين، اندر مسٽر نذير احمد ڪلهوڙو پنهنجي فن جو پورو پورو مظاهرو ڪري رهيو هيو، جنهن مان سڀ محظوظ ٿي رهيا هئا. سندس چوڻ آهي ته ڊگهي سفر لاء ضروري آهي ته ڪو هڪ اڌ ماڻهون اهڙو به ضرور کڻجي، جنهن سان چرچا گهٻا ڪبا هلجن ته سفر آسان ٿي پوندو، سو هو پنهنجي ٺاهيل اصول ته عمل ڪندي ان ڏينهن به هڪ يار جو خوب انتخاب ڪيو هيو۽ انوقت سندس تيرن جي نشان تي اهو سينئر پروفيسر پاڻي مان تازو نڪتل مڇي وانگر ڦٿڪي رهيو هيو، بَسِ اندر چرچا گهٻا، ڀوڳ ٺڪاءُ هليا پئي ته اچي شاهپور چاڪر ۾ پهتا هئاسين، شهر ۾ داخل ٿيندي ئي دهشت گردن جي گروءَ جي تصوير اکين ۾ سُئي وانگر اچي لڳي هئي. شاهپور جا پڪوڙا ۽ سموسا چٽ ڪري سدو سانگهڙ اچي ساهي پٽي هئي سين، جتي انجنيئرن جي ٽرائيڪا محترم فيض محمد سولنگي، محترم افتخار ڀٽي ۽ محترم منور ابڙي پنهجي عاليشان ريسٽ هائوس ۾ پرتڪلف لنچ جو اهتمام ڪيو هيو. اتي ئي سندن پارسي باس سٺياصاحب سان پڻ مزيدار ڪچهري ٿي هئي، کيس ڏسندي مون کي فلم ”پستن جي“ وارو نصيردين شاهه پئي ياد آيو. لنچ مان فارغ ٿي انجنئر دوستن ۽ پروفيسر صديق انڙ جي صحبت ۽ سنگت ۾ چوٽياريون ڊيم جي چڪر لاءِ نڪتا هئاسين. چوٽياريون ڊيم مکي ٻيلي جي مقام تي اڏيو ويو آهي، جتي سنڌ جي سپوت پٽن، حرن، انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪايو هيو ۽ پنهنجي بهادري، دانائي ۽ قربانيء سان هڪ طرف ته تاريخ جي ورقن ۾ سنهري بابن جو اضافو ڪيو هيو جڏهن ته ٻي پاسي انگريزن کي پڻ ڏينهن جا تارا ڏيکاريا هئا، هاڻ ته انهن فقيرن جي انهن تاريخي اهڃاڻن کي ئي مٽايو ويو آهي، بس هاڻ اسان اهو ئي چئي سگهنداسين ته اتي ڪا جڳهه هوندي جتي فقيرن جي جدوجهد کي ڪچلڻ لاء فرنگين بمباري ڪئي هئي ۽ لوڙها جوڙي کين قيد ڪيو ويو هيو. چوٽياريون ڊيم خاشو وڏو آهي. هن کان اڳ مون راول ڊيم اسلام آباد واري جو نظارو پسيو هو، جنهن مان صفا متاثر ٿي نه سگهيو هوم. اسان سان گائيڊ طور هلندڙ انجنيئر برادري ٻڌايو ته هن ڊيم جي اڏاوت تي ٽي ارب روپيا خرچ آيو آهي، جڏهن ته اسان کي هيڏي ساري رقم خرچجڻ جا گهڻا آثار ته نظر ڪونه آياهئا، بس ڏيئي وٺي اهوڪيو ويوهوهڪ ته هڪ وسيع ايريا کي بند ڏنو ويو هيو جڏهن ته ان بند جو ڳچ حصو ته نارا ڪئنال جو هڪ طرفو ڪنارو به آهي، هن ڊيم جي اڏاوت ڪري نارا ڪئنال جو وهڪرو پڻ مَٽايو ويو آهي، اتي نارا ڪئنال جونظارو ڏاڍو من ڀائيندڙ، ورن وڪڙن تي ٻڌل ۽ ڏسڻ وٽان آهي.

 هن ڊيم جي اڏاوت ڪري هزارين ماڻهون متاثر ٿيا هئا، سندن زمينون کانئن کسيون ويون هيون. انهن متاثر ماڻهن جي احتجاجن، جلسن جلوسن جون تصويرون به اخبارن ۾ اينديون رهيون آهن. سائين صديق انڙ صاحب ته جهڙوڪر ان علائقي جي انسائيڪلوپيڊيا هيو، سائين ٻڌايو ته چوٽياريون ۾ هن علائقي جو مشهور مدرسو هوندو هيو، ڏيهان ڏيهه کان علم وارا ماڻهون مدرسي جي عالمن سان ملاقات لاءِ ايندا رهندا هئا اتي علم ۽ عرفان جا دريا وهندا هيا  ان ڪري ئي ان جو نالو چوٽ+ياريون پئجي ويو هيو، سائين وڌيڪ ٻڌايو ته ڊيم جي اڏاوت کان اڳ ۾ اهو هڪ انتهائي خوبصورت علائقو هو، جتي جنگهلي جيوت به جام هئي. ان ۾ سيهڙ، سوئر،گدڙ، ڦاڙها، هرڻ ۽ ٻيا جانور بنا ڊپ ڊاءُ جي ٻيلي ۾ پيا ڦرندا هيا، ان سان گڏ جهنگلي پکين جا ولر به وڳر ڪيو آزاد فضائن ۾ پيا لامارا ڏيندا هيا پر ڊيم جي اڏاوت بعد انهن سڀني ساهوارن جي نسل ڪشي ٿي چڪي آهي. جڏهن اهو علائقو اڃا مکي ٻيلو هيوته اتان هر سال هزارين مڻ ماکيءَ پڻ ملندي هئي. ان کان علاوه مالوند ماڻهون پنهجا ڍور ڍڳا ٻيلي ۾ ڇڏي وهاڻو سيرانڌي ڏيئي سمهي پوندا هيا ۽ سندن مال بنا خوف خطري جي رات ڏينهن ٻيلي ۾ يل پيو چرندو هيو، ان ڪري مالوند ڏاڍا سَرها، سُکيا ۽ سَتابا رهندا هيا، ڇو ته سندن مال کي گاه پٺو مفت پيو ملندو هيو ۽  ججهي کير ۽ مکڻ ملڻ ڪري سندن گذر سفر سولو ۽ سهنجو هوندو هيو پر افسوس ته هاڻ ان سموري معاملي تي مانڌاڻي ڦري ويئي آهي ۽ اهي سڀ سهولتو ختم ٿي ويون آهن. هن ڊيم آس پاس جي ماحول تي پڻ ڏاڍا هاڃيڪار اثر وڌا آهن، ڊيم سان لڳولڳ زمين سم ۽ سيلاب جي ور چڙهي ويئي آهي ۽ هزارين ايڪڙ پوکيءَ لائق نه رهي آهي. مکي ٻيلي وارو قدرتي حسن ۽ خوبصورتي به هاڻ بس ڪهاڻي ئي ٿي رهجي ويو آهي. انڙ صاحب اهو به ٻڌايو ته ڊيم جڙڻ کان اڳ اتي قدرتي پاڻي ڪڏهن به ختم نه ٿيندو هيو، ۽ انهن ڏهاڙن ۾ ڊيم جي پيٽ کي پاڻي سان ڀرڻ لاءِ روزانو ڏه لک ڪيوسڪ پاڻي وهايو پئي ويو، اها ڳالهه مسٽر فيض محمد سولنگي ٻڌائي هئي، ۽ پوءِ نارا ڪئنال کان ڊيم ۾ پاڻي ڇوڙ ڪندي ڏسي اندازو لڳايو هوسين ته ايترو پاڻي ٽن چئن مهينن لاءِ رات ڏينهن ڊيم ۾ وهندو رهي ته  شايد اهو ڀرجي سگهي باقي ڀيڻي نه هئي. آئوٽ ليٽ کان اِن ليٽ طرف اسان جون گاڏيون ڊوڙڻ لڳيون هيون ته ڄڻ پنڌ ئي نه پئي کُٽو۽ اتي پهچندي پهچندي خاشي دير ٿي ويئي هئي، ان طرف ويندي ڊيم سان گڏ آس پاس جا علائقا به ڏسندا پئي آياسين. هڪ ته نارا ڪئنال جو نظارو ڏاڍو جاذب نظر هيوپر ڊيم اندر خسته حال مهاڻن جي غربت ۽ ڪسمپرسي ڏسي دل ئي ڏري پئي هئي. ڊيم جي پاسن کان ڪجهه ملاح اهڙا به آهن جيڪي پَن جي پتن مان ڇنون ۽ نُکُون ٺاهي وڪڻندا آهن ۽ اهڙن ڇنن مان جڙيل جهوپڙيون اتي عام جام نظر آيون اهڙن ڇنن  ٺاهيندڙن کي اتي ڇنائي يا پکائي ملاح به سڏيو ويندو آهي.ڪن اهڙن ڇنن سان ٺهيل هوٽلن ۾وي سي آر تي بيٽريءَ جي توانائيءَ سان هندي فلمون پئي هليون. ڊيم جي اولهائين ۽ اترئين پاسي ڀٽون ۽ واري جا دڙا آهن جن ۽ ڪٿ ڪٿ آبادي به نظر پئي آئي، گهڻو ڪري چؤنرن وارا گهر جڙيل هئا پر ڪٿي اوڏڪي ڀتين وارا گهرڙا به جڙيل نظر آيا پئي. ڪجهه جڳهين تي سرڪاري اسڪولن جون پڪيون ڳاڙهسريون عمارتون به نظر آيون، يعني ته هي ماڻهون به پنهجي اولاد کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪرڻ جا خواهش مند آهن.
 صديق صاحب واپسي تي موڪلائڻ کان اڳ سانگهڙ جي هڪ  اوپن ايئر هوٽل تي چانهه پياري اسان کي الوداع چيو هيو ۽ ائين سندس قربائتي ڪمپني به جلدي ئي پڄاڻي تي پهچي ويئي حالانڪه اسان مان هر هڪ جي اها خواهش هئي ته هي مٺڙو انسان پوري سفر ۾ اسان سان گڏ هجي پر سندس طبعيت جي ناچاڪي ۽ گهريلو مصروفيتن ڪري اهو ممڪن نه هيو. ان وقت تائين رات به پنهجي ڪاري چادر پوري طرح وڇائي ڇڏي هئي ۽ بعد ۾ سانگهڙ کان ميرپورخاص تائين جو رهيل سفر اونداهو رهيو. اتي پهچي هوٽل جا ڪمرا بوڪ ڪرائي ، ڪڪڙ جي ڪڙاهي جو مزو وٺي اچي بسترن جو پاسو ورتو هوسين ۽ انوقت ڪلهوڙي صاحب ۽ سولنگي صاحب ٽي وي آن ڪري ريموٽ ڪنٽرول سان پنهجي پسند جا چينل ڳولهڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.“                                                                                               
           صبح جو ناشتي کي نپٽائي اسان پنهجو سفر ٻيهر شروع ڪيو، بس جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، شهرن پويان شهر ايندا ويا، پهريون ٻيلهاڙو آيو، بعد ۾ ميروه گورچاڻيءَ کي ڪراس ڪيوسين، تهان بعد ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد ۽ جهڏي کان ٿيندي اچي نؤڪوٽ پهتا هاسين، ها ان وچ ۾ بس کي بريڪ به بس جهڏي ۾ لڳو هو، جتي خيرپوري خمير مان جنم ورتل باشعورنوجوان نصير ناريجو جي ميزباني جو مزو ورتو هوسين، جيڪو اتي ايس_ڊي_ايم جي پوسٽ تي فائز هيو، هن نوجوان آفيسر هڪ ٻي مهرباني اها به ڪئي ته ٽيليفون کڙڪائي اسلام ڪوٽ جي هوٽل ۾ اسان لاءِ ڪمرا بوڪ ڪرائي ڇڏيا هئا.                                                                    .                                                                              
             سموري گس تي برساتي رم جهم جاري رهي ۽جيئن جيئن اسان پنهنجي ان ڏينهن جي متعين ڪيل منزل طرف تيز ڊوڙي رهيا هئاسين ته برسات به پنهنجي برسڻ جي رفتار وڌائي ڇڏي هئي. فضا ۾ برساتي ميوزڪ ته بس اندر پروفيسر ايوب مريءَ جا آلاپ ها، مري صاحب جي ڳائڻ جو انداز ڪجهه هن طرح هوندو آهي ته هو، آس پاس ويٺلن کي متوجه ڪري ڳائڻ جي شروعات ته اڪيلي سر ڪندو آهي پر پوءِ ٻين کي سُر سان سُر ملائڻ لاءِ اتساهيندو رهندو آهي، ڪا ڪافي ۽ وائي شروع ڪري، ان جي مصرعن کي ورائي ورائي ورنائي، پنهنجي منڊليءَ ۾ ٻين کي به شريڪ ڪندو ويندو آهي، تان جو پورو ”ڀڳت جو ٽولو“ جڙي پوندو آهي. سندس اتساهڻ جو نتيجو ئي هيو ته هنن سريلن جي ساٿ ۾ مون جهڙو بنهه بي سرو به شامل ڪار ٿي ويو هيو. جڏهن ڳالهه ڳائڻن جي نڪتي آهي ته پاڻ سان گڏ هڪ بيو سريلو سائين نور حسن بلوچ به گڏ هيو. هن يار سان اهڙن ٽوئرن ۾ سندس پاران ٻه پنجابي گيت ايترا دفعا ته دهرائي ڳارايا ويا آهن جو مون جهڙي ڪوڙهه مغز کي به اهي برزبان ياد ٿي ويا آهن. وچ وچ ۾ ڪلهوڙو صاحب به پنهنجي ترڪش مان ڪو تير ڪڍي پنهنجي نشاني طرف اڇلائي رهيو هيو. اسان جي هنن سفرن ۾ راڳ رنگ ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ ته هلندا ئي آهن جو ان کان سواءِ وقت جو گذارو مشڪل ٿي پوندو آهي، پر جڏهن زاهد پيرزادي جهڙي باشعور نوجوان جو ساٿ به هجي ته علمي، عقلي بحث کان ڪهڙو ڪافر ڪترائيندو. ائين، ملڪي سياسي مامرن، اقتصادي اهنجاين، سماجي روين سان گڏ سنڌ جي روشن آئيندي جهڙن موضوعن تي به تواتر سان خيالن جي ڏي وٺ هلندي رهي. هي يار خاشا دفعا ڪميشن جي خاردار بارڊر ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪري چڪو آهي پر لڳي ٿو ته زندگي ۾ ڪيل ڪو خير جو ڪم يا ٿي سگهي ٿو ته سندس وڏڙن جون دعائون اگهاميل هيون جو هي يار سموري ملڪ جي وهنوار کي ڪلٽي ڪندڙ ڪرپٽ ڪامورن جي صف ۾ شامل ٿيڻ کان بچي ويو ۽ هو پنهنجي سمورن سڀاويڪ سرگرمين ۽ سوچن سان اڃ به اسان سان گڏ آهي.                                   
                    ائين ٽهڪ ڏيندي، موسم جو مزو ماڻيندي، بحث ڪندي، اسان جو قافلو وڃي مٺي پهتو هيو. مٺي ڪيڏو نه سهڻو نالو آهي،”مٺي“ معنى چمي، يا مٺي ان شيء کي به چيو ويندو آهي جنهن ۾ مٺاس هجي، ان کان علاوه پنهنجي محبوب کي سڏڻ لاءِ اهو ڪيڏو نه جامع ۽ رومينٽڪ لفظ آهي جنهن جو ڪنهن ٻي ٻولي ۾ شايد صحيح ترجمو ئي ممڪن ناهي. جيئن ته اسين سڄي ڏينهن جا ٿڪل هاسين، سو ڪجهه ساهي پٽڻ لاءِ بس جي جان مٺي ڪاليج جي در تي ڇڏي هئي سين. ڪاليج جي صحن، ڪاريڊور جا چڪر ڪاٽي ۽ ڪلاس رومن جي مٽر گشٽ ڪري بعد  ۾          ان جي ڇت تي چڙهي ڪجهه ڦوٽووٺي اسان جي قافلي سڌو اچي هڪ هوٽل  جو پاسو ورتو هيو ۽ ڀاڳ ته ڏسو هوٽل جو مالڪ راجپوت به پنهنجي ئي لڏي جو نڪري پيو هيو، يعني ته اهو به استاد هيو ۽ پنهنجو وقت پورو ڪرڻ بعد پنهنجي پٽن سان اهو هوٽل هلائي رهيو هو. حالي احوالي ٿياسين ته ٻڌايائين ته هو منهنجي جنم ڀومي ميرن واري خيرپور ۾ پڻ استادن جي سکيا ڏيندڙ اسڪول ۾ سالن تائين رهي چڪو آهي.  ٿر ۾ برسات جيڪي بهاريون برپا ڪندو آهي ته گلن ٻوٽن سان گڏ اتي ڀِٽَنِ ۽ ڀاڻن ۾ کنڀين جي کيت به نسري نروار ٿيندي آهي . جڏهن اسان نؤڪوٽ کان مٺي طرف روان دوان هئاسي ته ٿري ٻارڙا انهن کنڀين جا کارا ڀري روڊ ڪناري بيٺا هئا، ڪجهه اهڙن معصوم ٿرين کان لنچ لاءِ اسان اهي خريد ڪيا هئا ۽ راجپوت يار جي هوٽل ۾ ڪڙهائي ڪڪڙ جي بدران اسان انهن کنڀين جي ڀاڄي تيار ڪرڻ جو آرڊر ڏنو هو. ان وچ ۾ برسات تمام تيز برسڻ شروع ٿي چڪي هئي، کنوڻين ۽ گجگوڙن جي ساز سامان سان ليس اها ڪا عام برسات نه هئي، بلڪ اهڙي ته پلر جي پالوٽ هئي جنهن هر ڏيل ڏڪائي ڇڏيوهيو. مٺڙي مٺيءَ جا روڊ ۽ رستا دريا شاهه جو ڏک ڏئي رهيا ها ڪجهه ڀتيون ته اسان جي آڏو به جهري پيون هيون. دوستو ان ٻوڙ ٽوڙ برسات ڪري مٺيءَ کي به پسي نه سگهيا هاسين،  ها ته بس اسان مٺي به اها ئي ڏٺي يعني ته ڪاليج کان هوٽل تائين. خبر ناهي اسان واري ڊرائيور ڪهڙي ڪاريگريءَ سان بس کي برساتي ريلن مان پار ڪري اچي روڊ تي پهچايو هيو۽ پوءِ اسان جو ڪاروان هلڻ لڳو هو پنهنجي اڄوڪي متعين ڪيل آخري منزل اسلام ڪوٽ طرف، ٻين جي خبر ته کين هوندي پر منهنجي زندگيءَ جو اهو حسين ترين، بهترين، يادگار ۽ خوبصورتين سان معمور سفر هو، مان پنهنجي پوري هوش ۽ حواس سان اقرار ٿو ڪريان ته مون اڳ جيڪي سفر ڪيا ها ۽ جيڪي خوبصورتيون اکئين پسيون هيون اهي مٺي کان اسلام ڪوٽ واري سفر جي مقابلي ۾ جهڙوڪر هيچ هيون. اهي پربهار گهڙيون هيون، سچ پچ ته انهن ساعتن مونکي موهي مست ڪري ڇڏيو هو ۽ ان وقت اهڙا ته خمار چڙهي ويا هئا جيڪي ڪنهن ولائتي شراب ۾ به نه هجن، ڪاش اهي لمحا رڪجي وڃن ها، مان پاڻ به پنڊ پهڻ ٿي ان حسن جو حصو ٿي هميشه لاءِ امر ٿي وڃان ها. هر پاسي جهڙالي هئي، برسات اوڙڪون ڪري وسي رهي هئي، رستي ۾ ايندڙ نظارا ڪنهن حسين خواب جو عڪس معلوم ٿي رهيا هئا، الائي ته ڪٿي پهتا هاسين ته هڪ ٿريو بمع پنهنجي اٺ جي روڊ پار ڪرڻ لئه، اسان واري بس لنگهي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ ان سرمائي شام کي پنهنجي ڪئمرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ مون بٽڻ ته دٻايو هو پر مون واري ياشيڪا ۾ ايترو دم ڪٿي هو ته اهو منظر ائين قيد ڪري سگهي ها جيئن منهنجون اکيون ڏسي رهيون، ياجيئن منهنجي دل محسوس ڪري رهي هئي ۽ بلڪل اهوئي وقت هوته ڪنهن جي سڏ تي پويان لؤڻو پائي ڏٺو هوم ته اوچتو منهنجا سمورا نشا ڪافور ٿي اڏري ويا هئا، جڏهن منهنجي نظر هڪ پياري پروفيسر تي پئي هئي جيڪو ان موسم کان متاثر ٿي خوابِ خرگوش جا ”مزا“ ماڻي رهيو هيو، مون  سوچيو ته هي يار ڀلا پنهنجي گهر هجي ها ته وڌيڪ بهتر هو، پر هڪدم پنهنجي اندر  مان هن لاءِ دليل ڦٽي نڪتو ته شايد اهو اتي هن لاءِ ممڪن نه هو، کيس اتي ٽيوشن   پڙهائڻ، بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيبيليوشن ڪرڻ، امتحاني سينٽرن تي ڪاپي ڪرائڻ  ڪري تمام گهڻو مصروف رهڻو پوندو هوندو، سو هِن يار تي ڪهڙي ميار پر ان کان به وڌيڪ حيرت جي سمنڊ ۾ تڏهن غوطا کائڻ لڳس جڏهن منهنجي هڪ ٻي پياري دوست پروفيسر اها فرمائش ڪئي ته ”اچو ته تاش راند کيڏون“، ان مهل منهنجي دل چاهيو هو ته بس کي بيهاري هنن يارن کي ڇڏيا ان اٺ واري ٿرئي سان سفر شروع ڪريان.                                                                                    
                    گروپ سان گڏ گهمندي ڪيئي فائدا آهن، خاص ڪري مون جهڙي ماڻهون لاءِ ته وڏي سولائي ٿي پوندي آهي، جيڪو خرچ جا پئسه مخصوص دوست جي تري تي رکي اهو ڀلجي ويندو آهي ته هوٽل جا ڪمرا بوڪ ڪرائڻا آهن، يا مانيءَ جو مينو ڪهڙو هجي، يا بل جي ادائيگي جو رد ڪد ۽ ڇڏ ڇوٽ جا معاملا هجن، اهي ڪم اسان جا زماني ساز ۽ سياڻا ساٿي ڪندا آهن، ۽ مون جهڙا آزاديءَ سان پيا گهمندا وتندا آهن، پر گروپ سان گڏ گهمڻ ۾ ٻين جي عادتن، لاڙن، روين، پسند ۽ ناپسندجي جبل جيڏن مامرن کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏاڍو ڪنڊيدار ٿي پوندو آهي. گذريل سال جي ٽوئر دؤران اسين اڏيري لعل سائين جي درگاهه ته ويا هاسين جتي هڪ پاسي مسجد ته ڀرسان مندر جڙيل آهي، هي هڪ اهڙي درگاهه آهي جنهن کي اسان سنڌ وارا وڏي فخر سان دنيا وارن کي ڏيکاري سگهون ٿا ته ” اچو ۽ پنهنجي اکين ڏسو ته اسين سنڌ واراڪيڏا نه فراخ دل ۽ مذهبي رواداريءَ جا  عظيم علمبردار آهيون“ پر افسوس ته ان موقعي تي اهڙي سڀاءُ بدران اسان جي هڪ سينئر پروفيسر ساٿيءَ وڏي وات ڪجهه اهڙا ته اڻوڻندڙ لفظ ڪتب آندا هئا، جنهن درگاهه جي نوجوان متوليءَ جو دل ته دکايو هيو پر ان سان گڏ منهنجو اندر به اٻري اٿيو هيو،  هڪ اهڙي ئي سفر ۾ پنهنجي انتهائي ويجهي دوست جي ٿيلهي ۾ ڪپڙن جا ٻه جوڙا رکيا هئم، ته منهنجي ان يار جهڙوڪر مون کان مطالبو پئي ڪيو ته هاڻ ان عيوض  اهو ٿيلهو مان کڻان، منهنجي احتجاج تي ڪپڙا ڪڍي ڦٽي ڪري ڏنائين، گذريل سال جو ئي قصو آهي ته اسان جا ٻه فرقي پرست دوست پيرن، فقيرن سنڌ جي صوفي سنتن جي درگاهن تي دعا گهرڻ، کين سندن ڪيل عظيم خدمتن يا تخليق تي خراج ڏيڻ يا مڃتا ڏيڻ ته ڪونه پئي هليا، پر جهڙوڪر کين پنهنجي عقيدي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ  دليلن جي ڳولها هئي ۽ کين جتي به اهڙي ڪا شي هٿ لڳي ٿي ته ڳراٽڙيون پائي هڪ ٻئي کي مبارڪون پئي ڏنائون ۽ ها  مون کي انوقت به سخت قسم جي ذهني اذيت مان گذرڻو پيو هو، جڏهن سنڌي ادب ۾ ايم_اي جي ڊگري رکندڙ سينئر پروفيسر ، سنڌ جي عظيم ڪوي شيخ اياز جي آخري آرام گاهه تي اهو ڏاڍو غريب تبصرو ڪيو هيو ته ”ويچارو شيخ اياز نيٺ دعائون لکي مسلمان ٿي مئو!!!!!! “ بهرحال گڏ گهمڻ سان اهڙن ڳالهين کي به برداشت ڪرڻو پوندو آهي. خوبصورتين جي زيارتن سان گڏ ڪجهه تلخ تجربن وارو اهو سفر ٿڌڙين هوائن، نم جي وڻن سان معمار شهر اسلام ڪوٽ وٽ اختتام پذير ٿيو هيو ۽ سچي اسلام ڪوٽ ۾ اسان کي ڪو ڪوٽ ته نظر ئي نه آيو هيو.                                                                                                                                                                                                                                                                                                             
        

(هلندڙ.....)

Static Wikipedia (no images)

aa - ab - af - ak - als - am - an - ang - ar - arc - as - ast - av - ay - az - ba - bar - bat_smg - bcl - be - be_x_old - bg - bh - bi - bm - bn - bo - bpy - br - bs - bug - bxr - ca - cbk_zam - cdo - ce - ceb - ch - cho - chr - chy - co - cr - crh - cs - csb - cu - cv - cy - da - de - diq - dsb - dv - dz - ee - el - eml - en - eo - es - et - eu - ext - fa - ff - fi - fiu_vro - fj - fo - fr - frp - fur - fy - ga - gan - gd - gl - glk - gn - got - gu - gv - ha - hak - haw - he - hi - hif - ho - hr - hsb - ht - hu - hy - hz - ia - id - ie - ig - ii - ik - ilo - io - is - it - iu - ja - jbo - jv - ka - kaa - kab - kg - ki - kj - kk - kl - km - kn - ko - kr - ks - ksh - ku - kv - kw - ky - la - lad - lb - lbe - lg - li - lij - lmo - ln - lo - lt - lv - map_bms - mdf - mg - mh - mi - mk - ml - mn - mo - mr - mt - mus - my - myv - mzn - na - nah - nap - nds - nds_nl - ne - new - ng - nl - nn - no - nov - nrm - nv - ny - oc - om - or - os - pa - pag - pam - pap - pdc - pi - pih - pl - pms - ps - pt - qu - quality - rm - rmy - rn - ro - roa_rup - roa_tara - ru - rw - sa - sah - sc - scn - sco - sd - se - sg - sh - si - simple - sk - sl - sm - sn - so - sr - srn - ss - st - stq - su - sv - sw - szl - ta - te - tet - tg - th - ti - tk - tl - tlh - tn - to - tpi - tr - ts - tt - tum - tw - ty - udm - ug - uk - ur - uz - ve - vec - vi - vls - vo - wa - war - wo - wuu - xal - xh - yi - yo - za - zea - zh - zh_classical - zh_min_nan - zh_yue - zu -

Static Wikipedia 2007 (no images)

aa - ab - af - ak - als - am - an - ang - ar - arc - as - ast - av - ay - az - ba - bar - bat_smg - bcl - be - be_x_old - bg - bh - bi - bm - bn - bo - bpy - br - bs - bug - bxr - ca - cbk_zam - cdo - ce - ceb - ch - cho - chr - chy - co - cr - crh - cs - csb - cu - cv - cy - da - de - diq - dsb - dv - dz - ee - el - eml - en - eo - es - et - eu - ext - fa - ff - fi - fiu_vro - fj - fo - fr - frp - fur - fy - ga - gan - gd - gl - glk - gn - got - gu - gv - ha - hak - haw - he - hi - hif - ho - hr - hsb - ht - hu - hy - hz - ia - id - ie - ig - ii - ik - ilo - io - is - it - iu - ja - jbo - jv - ka - kaa - kab - kg - ki - kj - kk - kl - km - kn - ko - kr - ks - ksh - ku - kv - kw - ky - la - lad - lb - lbe - lg - li - lij - lmo - ln - lo - lt - lv - map_bms - mdf - mg - mh - mi - mk - ml - mn - mo - mr - mt - mus - my - myv - mzn - na - nah - nap - nds - nds_nl - ne - new - ng - nl - nn - no - nov - nrm - nv - ny - oc - om - or - os - pa - pag - pam - pap - pdc - pi - pih - pl - pms - ps - pt - qu - quality - rm - rmy - rn - ro - roa_rup - roa_tara - ru - rw - sa - sah - sc - scn - sco - sd - se - sg - sh - si - simple - sk - sl - sm - sn - so - sr - srn - ss - st - stq - su - sv - sw - szl - ta - te - tet - tg - th - ti - tk - tl - tlh - tn - to - tpi - tr - ts - tt - tum - tw - ty - udm - ug - uk - ur - uz - ve - vec - vi - vls - vo - wa - war - wo - wuu - xal - xh - yi - yo - za - zea - zh - zh_classical - zh_min_nan - zh_yue - zu -

Static Wikipedia 2006 (no images)

aa - ab - af - ak - als - am - an - ang - ar - arc - as - ast - av - ay - az - ba - bar - bat_smg - bcl - be - be_x_old - bg - bh - bi - bm - bn - bo - bpy - br - bs - bug - bxr - ca - cbk_zam - cdo - ce - ceb - ch - cho - chr - chy - co - cr - crh - cs - csb - cu - cv - cy - da - de - diq - dsb - dv - dz - ee - el - eml - eo - es - et - eu - ext - fa - ff - fi - fiu_vro - fj - fo - fr - frp - fur - fy - ga - gan - gd - gl - glk - gn - got - gu - gv - ha - hak - haw - he - hi - hif - ho - hr - hsb - ht - hu - hy - hz - ia - id - ie - ig - ii - ik - ilo - io - is - it - iu - ja - jbo - jv - ka - kaa - kab - kg - ki - kj - kk - kl - km - kn - ko - kr - ks - ksh - ku - kv - kw - ky - la - lad - lb - lbe - lg - li - lij - lmo - ln - lo - lt - lv - map_bms - mdf - mg - mh - mi - mk - ml - mn - mo - mr - mt - mus - my - myv - mzn - na - nah - nap - nds - nds_nl - ne - new - ng - nl - nn - no - nov - nrm - nv - ny - oc - om - or - os - pa - pag - pam - pap - pdc - pi - pih - pl - pms - ps - pt - qu - quality - rm - rmy - rn - ro - roa_rup - roa_tara - ru - rw - sa - sah - sc - scn - sco - sd - se - sg - sh - si - simple - sk - sl - sm - sn - so - sr - srn - ss - st - stq - su - sv - sw - szl - ta - te - tet - tg - th - ti - tk - tl - tlh - tn - to - tpi - tr - ts - tt - tum - tw - ty - udm - ug - uk - ur - uz - ve - vec - vi - vls - vo - wa - war - wo - wuu - xal - xh - yi - yo - za - zea - zh - zh_classical - zh_min_nan - zh_yue - zu

Static Wikipedia February 2008 (no images)

aa - ab - af - ak - als - am - an - ang - ar - arc - as - ast - av - ay - az - ba - bar - bat_smg - bcl - be - be_x_old - bg - bh - bi - bm - bn - bo - bpy - br - bs - bug - bxr - ca - cbk_zam - cdo - ce - ceb - ch - cho - chr - chy - co - cr - crh - cs - csb - cu - cv - cy - da - de - diq - dsb - dv - dz - ee - el - eml - en - eo - es - et - eu - ext - fa - ff - fi - fiu_vro - fj - fo - fr - frp - fur - fy - ga - gan - gd - gl - glk - gn - got - gu - gv - ha - hak - haw - he - hi - hif - ho - hr - hsb - ht - hu - hy - hz - ia - id - ie - ig - ii - ik - ilo - io - is - it - iu - ja - jbo - jv - ka - kaa - kab - kg - ki - kj - kk - kl - km - kn - ko - kr - ks - ksh - ku - kv - kw - ky - la - lad - lb - lbe - lg - li - lij - lmo - ln - lo - lt - lv - map_bms - mdf - mg - mh - mi - mk - ml - mn - mo - mr - mt - mus - my - myv - mzn - na - nah - nap - nds - nds_nl - ne - new - ng - nl - nn - no - nov - nrm - nv - ny - oc - om - or - os - pa - pag - pam - pap - pdc - pi - pih - pl - pms - ps - pt - qu - quality - rm - rmy - rn - ro - roa_rup - roa_tara - ru - rw - sa - sah - sc - scn - sco - sd - se - sg - sh - si - simple - sk - sl - sm - sn - so - sr - srn - ss - st - stq - su - sv - sw - szl - ta - te - tet - tg - th - ti - tk - tl - tlh - tn - to - tpi - tr - ts - tt - tum - tw - ty - udm - ug - uk - ur - uz - ve - vec - vi - vls - vo - wa - war - wo - wuu - xal - xh - yi - yo - za - zea - zh - zh_classical - zh_min_nan - zh_yue - zu