قلعو نيرون ڪوٽ
Wikipedia طرفان
اڄ جيڪو حيدرآباد ۾ پڪو قلعو جي نالي سان مشهور آهي، سو ڇهين صدي هجريءَ ڌاري، يعني ته 11هين صدي عيسويءَ ۾ راءِ گھراڻي جي حڪومت دوران برهمڻ گورنر جي زير دست هو. 12 صدي عيسويءَ ڌاري راجا ڏاهر جي طرفان هن قلعي جو حاڪم ٻڌ ڌرم جو ڀڪشو هو. قلعي جي دفاعي اهميت سبب راجا ڏاهر جو پٽ جئسينه پڻ وقت بوقت قلعي ۾ اچي ترسندو هو. جنهن ٽڪريءَ تي هيءَ قلعو بڌل آهي تنهن جو نالو نيرون هو، تنهن ڪري هن قلعي کي نيرون جو قلعو ڪري سڏيو ويو، جيڪو بعد ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان هرواسي ٿيو.
اڄ جيڪو قلعو موجود آهي سو 18هين صدي عيسويءَ ۾ ڪلهوڙن جي آزاد حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ميان غلام شاه ڪلهوڙي جوڙايو ۽ اتي رهائش پذير ٿيو.