ڏونائي سرشتو
Wikipedia طرفان
ھيءُ انگن جو اهڙو سرشتو آھي، جنهن ۾ فقط ٻه عدد يعني ٻُڙِي 0 ۽ هڪ 1 ٿين ٿا. تنهنڪري انهن انگن جو بنياد ٻه يا ”ڏُون“ آهي. جيتوڻيڪ اهي انگ انسان لکي پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو، مگر انسان لاءِ اهڙا انگ ڏهائي سرشتي جي انگن کان نسبتاَ تمام گهڻا ڏکيا آهن. اهڙا انگ ڪلُون يا مشينون، يعني ڳڻپيوڪر آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا. جيئن ڏهائي سرشتي ۾ ساڄي پاسي کان پهريون عدد ايڪا، ٻيون ڏهاڪا، ٽيون سَوَ، چوٿون هزار، وغيره وغيره ٿي ٿو، يعني 10 جِي سگهه مطابق ملهه رکي ٿو، تيئن ڏونهائي انگن جو پهريون عدد ايڪا، ٻيون ٻڪا، ٽيون چئونڪا، چوٿون اٺا، ٿي ٿو. مطلب ته هر عدد ٻن جي سگهه مطابق ملهه رکي ٿو.